سن بگ

سن بگ (Sunnbug): هي اناج وان فصلن کي نقصان پهچائيندڙ هڪ وائرس آهي. ڪڻڪ ۾ بگ جا جيڪي مختلف قسم ملن ٿا، انهن ۾ سن بگ به هڪ آهي. هن وائرس کي ايران ۾ سين پيسٽ (Sennpest) به چوندا آهن. هي وائرس ڪڻڪ لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار آهي، پر ڪنهن حد تائين مڪئي ۽ جوار کي به نقصان پهچائي ٿو. هي وائرس پاڪستان کانسواءِ افغانستان، ايران، عراق، شام، لبنان، اردن، ترڪي، يونان ۽ ٻين ملڪن ۾ به عام آهي. هي ڪڻڪ جي ڏانڊين کي نقصان پهچائي ٿو. هن وائرس سبب اڪثر ڪري فصل جي پيداوار 25 سيڪڙو گهٽجي ويندي آهي، پر جيڪڏهن حملو شديد هجي ته سمورو فصل تباهه ٿي ويندو آهي. وائرس واري فصل جي اٽي جو ذائقو به متاثر ٿيندو آهي. پهريان هن وائرس جي موجودگي جي خبر 1940ع ۽ 1943ع دوران بلوچستان جي زوب، لورالائي ۽ سبي وارن علائقن ۾ پئي، ان کانپوءِ ٻين پاسن ڏانهن به هي وائرس ظاهر ٿيو.
زرعي ماهرين جي تحقيق موجب سن بگ گرميءَ ۾ ڪمزور ٿئي ٿو ۽ زمين جي ڏارن ۾ لڪي وڃي ٿو. هي صبح ۽ شام جي وقت ٻوٽن تي چڙهي ڏانڊين مان رس چوسي ٿو. سخت گرمي ۾ هي سائو ٿي ڪري پوي ٿو ۽ اڪثر ڪري مري به وڃي ٿو. ڏانڊي سان گڏ هي ڪڻڪ جي داڻن مان به رس چوسي ٿو. سن بگ جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو ٻارنهن ئي مهينا جاري رهي ٿو. هي وائرس ڪڻڪ جي فصل مان ئي پنهنجي خوراڪ جو پورائو ڪري ٿو، اتي ئي آنا ڏئي ٿو ۽ واڌويجهه ڪري ٿو. هن وائرس جي خاتمي لاءِ مختلف دوائن جو ڦوهارو ڪيو وڃي ٿو. اڪثر جاين تي هي وائرس پکين جو کاڄ به بڻجي ٿو.


لفظ سن بگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو